ٻالڪ سنڌي

ٻالڪ سنڌي

ٻالڪ سنڌي

ٻالڪ سنڌي: سندس اصل نالو زاهد علي آهي، سندس والد بخشل شاهاڻي سٺو طبلي نواز آهي. هو 1976ع ۾ ڇاڻي محلي شاهه آباد دادوءَ ۾ ڄائو. پهريون استاد بخشل شاهاڻي هوس. پوءِ منظور سخيراڻي وٽ اٺ سال سکيو. نيٺ استاد عبدالغفور سومري کان باقاعدي ڳانو ٻڌرايائين، ۽ ڪلاسيڪي انگ سکيائين. پاڻ پهريون ڪلام استاد بخاريءَ جو ”جيجل جهولي، ڏئي پئي لولي- سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ ڳائي مشهوري ماڻيائين. سندس 20 کن البم اچي چڪا آهن. ڪي. ٽي. اين تي ”سهڻي“ سندس ڳايل ڪلام ڏاڍو مقبول ٿيو. پاڻ پاڪستان جي چئني ئي صوبن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. هن کي 9 ايوارڊ مڃتا طور مليا آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1976.00.00  عيسوي

ٻالڪ سنڌي: سندس اصل نالو زاهد علي آهي ، سندس والد بخشل شاهاڻي سٺو طبلي نواز آهي . هو 1976ع ۾ ڇاڻي محلي شاهه -آباد- دادوءَ ۾ ڄائو



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڌائي الهوڌائي
شبير شاهاڻي
روشن آرا بيگم
رفيق فقير
فقير عبدالغفور
استاد مبارڪ علي خان
ديدار حسين سمو
استاد احمد علي ٻرڙو
دين محمد شيخ 2
استاد نياز احمد خان
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون